چوٿين مارچ

چوٿين مارچ

چوٿين مارچ

چوٿين مارچ (ڪتاب): هي ڪتاب، چوٿين مارچ 1967ع جي سورمي، يوسف لغاري (ائڊوڪيٽ) جي ’چار مارچ واقعي‘ بابت ماهوار سهڻي، حيدرآباد ۾ ڇپيل (مارچ 1983ع ۾ لکيل) تفصيلي مضمون ۽ سندس پنجن انٽريوئن تي مشتمل آهي. پهريون انٽريو، سنڌي پبليڪيشن جي ڪتاب نمبر 3 ۾ ڇپيو هو، جيڪو اعجاز سنڌيءَ ۽ خان محمد پنهور ورتو هو. ٻيو انٽرويو، ’اڳتي قدم پبليڪيشن‘ جي ڪتاب نمبر 1، مارچ 1973ع ۾ ڇپيو هو، جيڪو مدد علي سنڌيءَ ورتو هو. ٽيون انٽرويو به اڳتي قدم پبليڪيشن جي ڪتاب-2 (نومبر ڊسمبر 1974ع) ۾ ڇپيو هو، جيڪو ضمير لاڙڪ ورتو هو. يوسف لغاريءَ جو چوٿون انٽرويو، شعور پبليڪيشن جي شماري چوٿين ۾ شايع ٿيو هو ۽ پنجون انٽرويو، عبرت ميگزين ۾ ڇپيو هو. يوسف لغاريءَ جي هنن انٽرويوئن ۾ چوٿين مارچ واقعي جو پسمنظر ۽ اُن وقت جي سياسي صورتحال جو بيباڪ جائزو موجود آهي. يوسف لغاريءَ جو مضمون ۽ هي پنج انٽرويو، بلال سنڌيءَ ترتيب ڏئي، جاڳرتا پبليڪيشن پاران مارچ 1990ع ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپايا آهن.
ڪرائون سائيز جي 194 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 25 روپيا آهي


لفظ چوٿين مارچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1967.03.04  عيسوي

هي ڪتاب، چوٿين مارچ 1967ع جي سورمي، يوسف لغاري (ائڊوڪيٽ) جي ’چار مارچ واقعي‘ بابت ماهوار سهڻي، حيدرآباد ۾ ڇپيل (مارچ 1983ع ۾ لکيل) تفصيلي مضمون ۽ سندس پنجن انٽريوئن تي مشتمل آهي



ڪتاب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تاريخ ادب اردو2
عظيم سائنسدان
انتر جوالا
سنڌي ادب2
بيدادي نگري
تفسير سورة السجده
تاريخ جون سورهيه شهزاديون
تذڪره مقالات الشعرا
ڊاڪٽر زواگو
تنقيدون ۽ تبصرا
ڪتاب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون